نيب کي هڪ ڪيس جي انڪوائري لاءِ 3، 3 سال گهرجن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت نيب اختيارين کي حڪم ڏيندي چيو آهي ته ٻن مهينن ۾ اڳڀرائي ڪريو نه ته انڪوائري ئي ختم ڪري ڇڏينداسين. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي ايم شيخ جي سربراهي ۾ جسٽس عمر سيال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ جي روبرو تعليم کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت تعليم واري اسپيشل سيڪريٽري ۽ بين جي نيب انڪوائري خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.  ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته انڪوائري ۾ ڪيتري اڳڀرائي ٿي آهي؟ جنهن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته جاچ جاري آهي، وڌيڪ وقت گهربل آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته نيب کي هڪ ڪيس جي انڪوائري لاءِ 3، 3 سال گهرجن؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان جي جاچ ٻڌائي رهي آهي ته اوهان ڇا ڪري رهيا آهيو، لڳي ٿو اوهان به جوابدارن سان ملي ويندا آهيو،عدالت نيب اختيارين کي حڪم ڏيندي چيو ته ٻن مهينن ۾ اڳڀرائي ڪريو نه ته انڪوائري ئي ختم ڪري ڇڏينداسين، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 25 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.