پشاور۾ پوليو ري ايڪشن جو ڊرامو بي نقاب، هڪ جوابدار گرفتار

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي گادي واري شهر پشاور جي علائقي ماشو خيل ۾ پوليم مهم خلاف سازش بي نقاب ٿي وئي  ۽ پوليس ٻارن کان بهوشي جو ڊرامو ڪرائيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گذريل ڏينهن پشاور جي علائقي ماشو خيل ۾ علائقي واسين صحت مرڪز تي حملو ڪندي اتي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ کانپوءِ ان کي باهه ڏئي ڇڏي هئي جنهن بابت شروعاتي طور تي ٻڌايو ويو ته 100 کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارا ويا جنهن بعد سندن حالت خراب ٿي وئي.  ٻارن جي بهوش ٿيڻ جي جعلي ويڊيو ٺاهڻ وارو منظر خوش قسمتي سان ڪيمرا جي اک محفوظ ڪري ورتو، هڪ ويڊيو ۾ پوليو ويڪسين پيئندڙ ٻارن کي هڪ همراهه پشتو ۾ اهو چئي رهيو آهي ته اوهان کي غلط ڦڙا پيئارا ويا آهن پر ٻار ان ڳالهه تي کلندي نظر آيا. حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻارن جي حالت ڳڻتي جوڳي ناهي، ٻارن الٽي ۽ مٿي کي چڪر اچڻ جي شڪايت ڪئي. ضلعي انتظاميا جي شروعاتي رپورٽ موجب دارالقم ماڊل اسڪول ماشوخيل، حال مارڪ اسڪول حسن ڳڙهي ۽ قديم پرائمري اسڪول ميره ڪچوڙي ۾ پوليو جا ڦڙا پيئڻ دوران ٻارن ۾ ري ايڪشن جا اطلاع مليا ۽ 767 ٻارن کي مختلف اسپتالن ۾ آندو ويو، جن جي حالت بهتر آهي. ٻئي پاسي ماشو خيل اسپتال ۾ باهه جو ڪيس داخل ڪندي ٻارن کان بهوشي جو ڊرامو ڪرائيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته نامزد ٻين 12 جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.