گمبٽ ۾ باهه لڳڻ سبب ٻن پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا، جڏهن ته هڪ عورت به سڙي زخمي ٿي پئي آهي.
سومرا ڪالوني ۾ ڳجهي نموني پورهيتن جي گهرن کي باهه لڳڻ سبب پيرسن عورت سڙي زخمي ٿي جنهن کي علائقي واسين بچائي ورتو.
باهه متاثرن منظور ۽ وسيم شِيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن گهرن کي ڳجهي نموني باهه وڪوڙي وئي،
جنهن جي نتيجي ۾ گهرن ۾ پيل اناج ۽ قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو آهي
متاثرن اختيارين کان گهر ڪئي ته باهه واقعي جو نوٽيس وٺي سندن مالي سهائتا ڪري اجها اڏاوت ڪرائي ڏنا وڃن…………………