رپورٽ: سنڌ حڪومت بدين واسين جي ڪيئن بڻي ويري؟ اياز پليجو ڪيو اهم انڪشاف

قومي عوامي تحريڪ پاران ضلعي بدين ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ، غير قانوني دڪن ۽ بک بدحالي خلاف مرڪري صدر اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

بڙ چوڪ کان ھزارين ڪارڪنن، شھرين، ھارين ۽  مزدورن سان نڪتل ريلي مختلف هنڌن کان ٿيندي حيدرآباد-بدين بس اسٽاپ پهتي جتي ڪارڪنن ڌرڻو هڻي پاڻي کوٽ خلاف نعريبازي ڪئي.

ريلي ۾ مظھر راھوجو ، منور علي جتوئي نور نوحاڻي ، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون ، سنڌو نواز گانگھرو ، فنڪاره ديبا سحر ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته عوام کي ٽارگيٽ بڻائي بدين ضلعي جو پاڻي روڪي هٿ وٺي زمينن کي سڪايو پيو وڃي.

هن چيو ته بدين جي عوام موجوده حڪمرانن خلاف ووٽ ڏنا آھن، جڏھن به سنڌ جا ماڻھون پنھنجي مرضي مطابق ووٽ جو حق استعمال ڪندا ته پ پ انھن کي پيرن هيٺان لتاڙيندي آهي.

اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ اقليتن جي نياڻين کي اغوا ڪري انھن جو زوري مذھب تبديل ڪرڻ جو حڪمرانن لائسنس ڏئي ڇڏيو آھي، ماڻھون بک بدحالي ۾ مرن پيا پر ھي پنھنجي راڳ NICVD جي جتي ڪٿي آلاپين پيا

ان موقعي تي ڌرڻي کي ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.