رپورٽ: دادو جي سول اسپتال ۾ ڇاپي وقت اهڙو ڇا ٿيو جو مريض ٿي ويا پريشان.!!!

دادو جي سول اسپتال ۾ ڪراچي مان آيل ٽيم دورو ڪري جائزو ورتو،

جڏهن ته ٽيم کي ڏسي ڊاڪٽرن ۽ اسپتال انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو.

ٽيم ۾ شامل اسپتال جي مختلف وارڊن جو دورو ڪري صفائي سٿرائي جو جائزو وٺڻ بعد مريضن کان سهولتن بابت پڇا ڪئي.

اسپتال داخل مريضن جي وارثن سول اسپتال انتظاميا جي ناانصافين خلاف دانهيندي چيو ته ڊاڪٽرن وارڊن ۾ خانگي ماڻهو مقرر ڪيا آهن

جيڪي سرڪاري دوائون ڏيڻ بدران خانگي اسٽورن جون پرچيون لکي ڏين ٿا.

سندن چوڻ هو ته ڊاڪٽر سول اسپتال ۾ مريضن کي چڪاسڻ بدران پنهنجي خانگي اسپتالون هلائي عوام کي ٻنهي هٿن کان ڦري رهيا آهن.

ان موقعي تي ٽيم جي اڳواڻ اسپتال عملي کي ڇنڊ پٽيندي هدايت ڪئي ته مريضن کي طبي سهولتون فراهم ڪري مشڪلاتن کي گهٽايو وڃي..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.