اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ لاءِ جسٽس قاضي امين جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. قانون واري وزارت جسٽس قاضي محمد امين احمد جي مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. قاضي محمد امين احمد لاهور هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو جج رهي چڪو آهي جنهن جو نالو جوڊيشنل ڪميشن تجويز ڪيو هو. جسٽس قاضي محمد امين احمد 25 مارچ تي لاهور هاءِ ڪورٽ مان ريٽائرڊ ٿيو هو جنهن جو شمار سينيئر ججن ۾ ڪيو ويندو آهي. جسٽس قاضي امين جي مقرري کان پوءِ سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 17 ٿي ويو آهي.