رپورٽ: بدين: اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ تفصيل هن رپورٽ ۾

اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ غفران ميمڻ چيو آهي ته حڪومت سنڌ جي 22 ضلعن ۾ پينشنرن جي سھولتن لاءِ آن لائين سسٽم جو بنياد رکيو ويو آهي، جنهن ذريعي وقت سر ادائيگي ڪئي ويندي.

بدين جي خزاني آفيس ۾ پينشنرن لاءِ آن لائن سسٽم واري افتتاحي تقريب ڪوٺائي وئي.

اي جي سنڌ غفران ميمڻ بدين پھچي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس ۾ پينشنرسسٽم آن لائن جو افتتاح ڪيو

ان موقعي تي غعفران ميمڻ چيو ته سنڌ جي 29ضلعن مان 22ضلعن؛ ۾ پينشنرن جي سھولتن لاءِ آن لائين سسٽم جو بنياد رکي ڇڏيو آهي

ھن چيو ته اسان لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن کي گذارش ڪريون ٿا ته ھو رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن جا ڪاغذ ڇھن مهينن کان ٽن مھينن اندر ڏنا وڃن ته جيئن وقت سر انھن کي پينشن ڏئي سگهجي

تقريب ۾ ڊي سي ڊاڪٽر عبدالحفيظ سيال، ايس ايس پي حسن سردار نيازي، ڊي ايڇ او ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.