*بوازادر وڏا ۾ سنڌ ۾ سنڌي هندن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪرڻ خلاف ۽ هندو نياڻين کي اغوا ڪري زبردستي مذهب مٽرائي شادي ڪرائڻ خلاف شهرين ساڃاهه وندن ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران احتجاج ڪيو ويو .
سنڌ جي اصلوڪن وارثن ٺينگو مل , سيٺ اڌم داس , سيٺ پهلاج رام ,معراج اوم لعل, نرسومل, رشپال داس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي .
ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته اسان اصل کان سنڌي ۽ سنڌ جا وارث آهيون سنڌ امڙ آهي پر ڪجهه سالن کان هندو سنڌين سان پنهنجي ڌرتي تي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي.
هنن چيو ته ڪجه مهينن کان سنڌ اندر هڪ نئون ٽرينڊ شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هندو نارين کي اغوا ڪري يا ورغلائي مسلمان ڪيو پيو وڃي.
هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته مامري جو نوٽيس وٺي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي