*جهڏي ۾ پوليس 3 ڏينهن اڳ گم ٿيل ٻن ڀينرن کي ڊگهڙي وٽان هٿ ڪري ورتو.
20 سالا لڇمي ۽ 14 سالا ليلان کي جهڏو پوليس موبائيل ٽريس زريعي ڊگهڙي ويجهو هٿ ڪري ڇوڪرين کي جهڏو ٿاڻي تي وٺي آئي .
جهڏو ٿاڻي تي ڇوڪرين ميڊيا کي ٻڌايو ته کين ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي مائٽ مارڪٽ ڪندا هئا رڳو مزدوري ڪرائيندا هئا جنهن سبب بيزار ٿي گهران پنهنجي مرضي سان نڪتيون.
نياڻين ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ مائٽن وٽ ويون هيون پر حيدرآباد ۾ سندس مائٽن جو گهر هٿ ڪون آيو ۽ اتي مسافر خاني ۾ رهيون اتان واپس آيون پي ته پوليس ڊگهڙي وٽان پڪڙي ورتو.
ڇوڪرين چيو آهي ته هو مسلمان ٿي مدرسي ۾ رهڻ چاهين ٿيون ٻنهي ڀينرن ٿاڻي تي آيل ماءُ ۽ مائٽن سان به ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ٻي پاسي ڇوڪرين جي ماء سڪينا ڪولهي ٿاڻي تي صحافين کي روئيندي ٻدايو ته سندس مڙس جو زهني توازن درست ناهي جنهن سبب هو پنهنجي نياڻين سان گڏجي ٻنين تي محنت مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪن ٿا.
ڇوڪرين کي گهر ۾ ڪا به تڪليف نه هئي هنن تي ڪير به تشدد نه ڪندو هو پنهنجي مرضي سان مزدوري تي ۽ شهر اينديون وينديون هيون
هن چيو ته هو غريب بي پهچ آهي هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته مامري جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي