رپورٽ: ھالاڻي: ملتان واسڻ عورت مڙس سان دوکو ڪري گهر ٻهاري ٻار کي کڻي فرار ٿي وئي

ھالاڻي  پريس ڪلب ۾ نوجوان داهيندي چيو تھ   ملتان واسي زال دوکو ڪري گھر جي سامان سميت ڇھن سالن جي ڀاءُ  کڻي فرار ٿي وئي آھي.

محرابپور جي شهري تنوير پيرزادي  پنھنجي ماءُ  سميت پريس ڪلب ھالاڻي پھچي دانھيو ته ٽي مھينا،اڳ هن ملتان واسڻ طلاق مليل  عورت حميرا  انصاري  سان ڪورٽ  سڳوري نوشھروفيروز  ۾ شادي ڪئي ھئي.

هن چيو تھ ڪلهه هو  مزدوري جي سلسلي ۾ نواب شاھ نڪري ويو هو ، سندس غير موجودگيءَ ۾  زال گھر جو سمورو قيمتي سامان موبائيل فون ۽ روڪ رقم سميت ڇھه سالن جو ننڍڙي ڀاءُ   کي اغوا ڪري فرار ٿي وئي آھي.

 نوجوان چيو ته پنھنجي مٽن مائٽن کان به پڇا ڪئي پر ڪابه خبر نه پئجي سگھي آھي جڏھن ته نمبر پڻ بند پيا آھن.

نوجوان جي پوڙھي امڙ روئيندي چيو ته ملتان واسڻ عورت کان کيس ٻچڙو واپس ڪرائي ڏنو  وڃي.

هنن وسوارن کان اپيل ڪئي تھ ملتان واسڻ زال جي ڳولا ڪرڻ ۾ مدد ڪري سندن نينگر کي واپس ڪرايو وڃي…………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.