مٺي جي ڳوٺ وڪڙيوجنجهي واسين کي پئيڻ جو پاڻي نه ملي سگهيو آهي ،9 هزار ماڻهو پاڻي جي جي ڦڙي لاءِ پريشان آهن.
اسلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ وڪڙيو جنجهي ۾ پيدا ٿيل پاڻي جي کوٽ وارو مسئلو حل ناهي ٿي سگهيو،جنهن سبب 28کوھ سڪي وڃڻ،پنج آر او پلانٽس خراب پيل هجڻ سميت واٽرسپلاءِ اسڪيم به اڃا تائين ناڪاره بڻيل آهي
سيشن جج ٿرپارڪر مشتاق احمد ڪلوڙ پاران ورتل نوٽيس ۽ رپورٽ طلب ڪرڻ باوجود ضلعي انتظاميا معاملي کي سنجيدگي سان ناهي ورتو نه وري پاڻي جا ٽئنڪر موڪليا ويا آهن.
ڳوٺ ۾ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان لڳايل پنج آر او پلانٽس جيڪي وڏي عرصي کان مشينري جي قبرستان ۾ تبديل ٿي ويا آهن،جنهن تي به سنڌحڪومت ڪو ڌيان ناهي ڏنو.
رهواسين جو چوڻ آهي ته سنڌحڪومت،ضلعي انتظاميا سميت چونڊيل نمائيندا پاڻي کوٽ واري معاملي تي خاموش تماشائي بڻيل آهن
ٻئي پاسي ڳوٺ جيئندو درس،صالح جنجهي،ڄامن سمون،ٻٽڙا،ابن جو تڙ،غالب شاھ،سينگارو نون،کارو جاني،ولي جو تڙ سميت ٻين ڳوٺن ۾ ڏُڪاري حالتن سبب کوهن جو پاڻي کٽي ويو آهي ۽ آر او پلانٽس خراب پيل آهن،اتي جا رهواسي به پيئڻ جي پاڻي ڍُڪ لاءِ دربدر آهن.