لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وفاق ۽ پنجاب ۾ مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي پارٽي مسلم ليگ ن پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز کي پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جو چيئرمين نه بڻائڻ واري معاملي تي اسٽينڊنگ ڪميٽين تان مستعيٰ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب حمزا شهباز جي صدارت هيٺ ٿيل اهم اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته اسٽينڊنگ ڪميٽين جا استعفيٰ پارٽي قيادت کي جمع ڪرايا ويندا ۽ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز جڏهن چاهي استعفيٰ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ جمع ڪرائي ڇڏيندو. ن ليگ پنجاب ۾ نئين مڪاني نظام لاءِ ٿيندڙ قانون سازي جي سخت مخالفت جو به فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي سميت ٻين پارٽين سان رابطا ڪيا ويندا. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ن ليگ اڳواڻن جو چوڻ هو ته مڪاني ادارن کي بلڊوز ڪرڻ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ حڪومت جي عوام دشمن رويي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. ٻئي پاسي پنجاب حڪومت اڄ صوبائي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٻه آرڊينينس ۽ پنج بل ايوان ۾ پيش ڪندي.