قانون غلط لاڳو ڪري عوام جي کيسن مان پئسو ڪڍيو پيو وڃي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پاڪستان ۾ موبائيل فون ٽيڪس بابت ڪيس ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ مان اپيل آئي، اسان کي ڏسڻو پوندو ته ڪٿي ڪيتري ٽيڪس لڳائڻي آهي.  چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ موبائيل فون ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته موبائيل فون ٽيڪس جي معاملي تي حڪومت جو ڪهڙو موقف آهي، حڪومت موجب معاملو 184 ٽي جي اختيارن جي دائري ۾ نه ٿو اچي، ڪيس جو اصل معاملو ڇا آهي، هڪ لائن ۾ ٻڌايو وڃي، ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ڪيس جو اشو هڪ لائن ۾ نه ٻڌائي سگهيو.  هن چيو ته ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ مان اپيل آئي اسان کي ڏسڻو پوندو ته ڪڏهن، ڪٿي ڪهڙي ٽيڪس لڳائڻي آهي. سندس چوڻ هو ته ڏسڻو آهي ته حڪومت قانون صحيح لاڳو ڪيو آهي، اهو به ڏسڻو پوندو ته ڪٿي قانون غلط ته ناهي. چيف جسٽس چيو ته اهڙي قانون ذريعي وڏي رقم عوام جي کيسن مان ڪڍي وئي آهي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ايڊوانس ٽيڪس تعريف جي حساب سان انڪم ٽيڪس آهي. سپريم ڪورٽ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ٽيڪس ڏيڻ جي تعريف ۾ نه ايندڙ صارف ڪيئن ادائيگي ڪري سگهي ٿو، حڪومت هڪ ميڪنزم بڻائي ته جيئن نان فائلر کان ٽيڪس نه ورتي وڃي. هن اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ايڊوانس ٽيڪس ڇا آهي موبائيل ڪارڊ خريد ڪرڻ وقت ٽيڪس نه ورتي ويندي آهي، ڪارڊ لوڊ ڪرائڻ وقت ٽيڪس ڪٽي ويندي آهي. سپريم ڪورٽ چيو ته ڪارڊ لوڊ ٿيڻ بعد ڪيئن سرٽيفڪيٽ ورتو ويندو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته انڪم ٽيڪس سان يوٽيلٽي بلز ٽيڪس کي به ڏسڻو پوندو. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.