انگلينڊ جي دوري ۽ عالمي ڪپ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارينداسين: سرفراز/مڪي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ جي دوري ۽ عالمي ڪپ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد ۽ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر ٽيم جي بهتر ڪارڪردگي لاءِ پر اعتماد آهن. ڪپتان سرفراز احمد ۽ ڪوچ مڪي آرٿر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، پريس ڪانفرنس دوران قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ مڪي آرٿر  چيو ته انگلينڊ جي دوري ۽ عالمي ڪپ دوران رانديگرن سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندا. ڪپتان سرفراز احمد جو چوڻ هو ته پنهنجي صلاحيتن کان وڌيڪ ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس، انشاءَ الله انگلينڊ جي دوري ۾ بهترين پارفارمنس ڏينداسين، سڀئي رانديگري پوري طرح تيار آهن ۽ هنن سخت محنت ڪئي آهي، اسان جي ٽيم زبردست رانديگرن تي ٻڌل آهي. قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته عالمي ڪپ ۾ سڀ رانديگر ٽرمپ ڪارڊ هوندا، ٽيم جي چونڊ ۾ منهنجي راءِ شامل رهي آهي، مان مٿين نمبر تي بيٽنگ ڪندس جڏهن ته شعيب ملڪ ڇهين نمبر تي کيڏندو. سرفراز احمد چيو ته عماد وسيم کي انگلينڊ جي ڪنڊيشنز موجب ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، هو انجري جو شڪار هو پر هن سمورا ٽيسٽ پاس ڪيا آهن، جڏهن ته فهيم اشرف جي بالنگ ۾ بهتري آئي آهي ۽ سندس بيٽنگ ۾ به بهتري اچي سگهي ٿي. وزيراعظم ۽ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان عمران خان سان ملاقات بابت سرفراز احمد جو چوڻ هو ته عمران خان جي دعوت تي سندس ٿورائتو آهيان، هن سمورن رانديگرن کي متحرڪ ڪيو ۽ سندن حوصلاافزائي ڪئي. ان موقعي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جو چوڻ هو ته انگلينڊ جي دوري لاءِ اسان جو تياريون مڪمل آهن ۽ مون کي پنهنجن رانديگرن تي تمام گهڻو اعتماد آهي سڀ ئي رانديگر باصلاحيت آهن، عالمي ڪپ ۾ بهترين ٽيمن سان مقابلا ٿيندا ۽ پاڪستان اسڪواڊ متوازن آهي. هيڊ ڪوچ چيو ته سيمي فائينل تائين پهچ حاصل ڪرڻ پهرين ترجيح آهي، اسان کي بهترين راند پيش ڪرڻي آهي، عالمي ڪپ لاءِ ڪنهن هڪ رانديگر تي ناهيون ڀاڙي رهيا، 15 رانديگرن جو اسڪواڊ آهي. مڪي آرٿر چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ بالرن لاءِ ڪنڊيشن سٺي رهي ته سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندا، شاداب خان جو ٽيم آل رائونڊر جو ڪردار آهي، اهو پڻ نه وسارڻ گهرجي ته ياسر شاهه تيز ترين 200 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن . سندس چوڻ هو ته شعيب ملڪ ۽ محمد حفيظ تي تمام گهڻو يقين آهي ۽ بابر اعظم جو ٽيم ۾ خاص ڪردار آهي، هن ۾ وڏيون صلاحيتون آهن، جيڪڏهن هو سينچري اسڪور ڪري ٿو ته پاڪستان کي فائدو ٿيندو. هيڊ ڪوچ چيو ته عثمان شنواري جي ڪارڪردگي سٺي رهي آهي، شاهين شاهه آفريدي  ۾ به وڏو ٽيلنٽ آهي، فهيم اشرف جي ڪرڪيٽ ۾ تيزي سان بهتري اچي رهي آهي ۽ عماد وسيم به سخت محنت ڪري رهيو آهي، اسان فٽنس ته سمجهوتو ناهي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.