رپورٽ: سوڀو ديرو: سول جج پاران ڊگري ڪاليج سوڀوديرو جي امتحاني سينٽرن جو دورو

سوڀي ديري ۾ سول جج اينڊ جوڊيشنل مئجسٽريٽ  وقار احمد جوڻيجو  امتحاني سينٽرن ھائيرسيڪنڊري اسڪول سوڀوديرو ۽ ڊگري ڪاليج سوڀوديرو جي امتحاني سينٽرن جو دورو ڪيو.

 ان موقعي ڊگري ڪاليج ۾ بجلي نه ھئڻ تي اسڪول انتظاميا کان پڇاڻو ڪيو  جن سول جج کي ٻڌايو ته لائين فالٽ آھي .

ان موقعي سول جج پنھنجي ڪلارڪ محب الله لاڙڪ کي حڪم ڏنو ته ايس ڊي او سيپڪو راڻيپور سان رابطو ڪري ٻڌايو ايس ڊي او سيپڪو چيو مان فورن فالٽ سيٽ ڪري بجلي بحال ڪرايان ٿو.

ان موقعي تي شاگردن جج کي ٻڌايو ته پيپر سولو آهي ۽ هو ڪاپي به ڪري رهيا آهن جڏهن ته کين امتحاني سنيٽر ۾ ٿڌي پاڻي جي سهولت ميسر آهي .

 ان موقعي تي صحافين سول جج کي دانھن ڏني ته  ڊگري ڪاليج انتظاميا ميڊيا ڪوريج ڪرڻ نه ٿي ڏئي ۽ ڌمڪائي پئي جنھن جو سول جج سخت نوٽيس ورتو ۽ ڪاليج انتظاميا کي ھدايت ڪئي ته ميڊيا آزاد آھي اھڙي عمل کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ميڊيا کي ڪوريج ڪرڻ جو حق آھي…………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.