ڪراچي ۾ امن جي صورتحال ماضي کان بهتر آهي: پاڪ فوج جو ترجمان

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال ماضي جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور طرفان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ آصف غفور چيو ته 2014ع ۾ ڪراچي ورلڊ ڪرائم انڊيڪس تي ڇهين نمبر تي هو، اڄ درجا بندي ۾ 70 هين نمبر تي آهي، دنيا جا وڏا شهر ان درجا بندي ۾ ڪراچي کان پوئتي آهن.  هن چيو ته امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت، سڪيورٽي فورسز خاص طور تي انٽيليجنس ايجنسين، پوليس ۽ سنڌ رينجرز جي ڪاردگي ساراهه جوڳي آهي، انشاءَ الله ڪراچي ۾ وڌيڪ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڪراچي جو امن بحال ڪرڻ ۾ شهرين جو به اهم ڪردار آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.