ليجندري فنڪار معين اختر کي وڇڙئي 8 ورهيه وهامي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ ليجنڊري اداڪار معين اختر کي مداحن کان وڇڙئي اٺ ورهيه وهامي ويا. معين اختر بهترين اداڪار، ميزبان، پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ گلوڪار جي طور تي سڃاتو ويندو آهي. هن ريڊيو، ٽي وي، فلم ۾ پنهنجي  بهترين صلاحيتن جا اعليٰ جوهر ڏيکاريا. 24 ڊسمبر 1950ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيندڙ معين اختر  16 سالن جي عمر ۾ پنهنجي فني سفر جي شروعات اسٽيج ڊرامن کان ڪئي. معين اختر  پهريون دفعو 6 سيپٽمبر 1966ع تي پهريون پروگرام ڪري شوبز جي دنيا ۾ پهريون قدم رکيو، معين اختر جڏهن به ڪاميڊي ڪندو هو ته هميشه مرجهايل چهرن تي به خوشي جا گل اُڀاري ڇڏيندو هو. پاڪستان جي لاءِ فخر جو سبب بڻجندڙ معين اختر 61 ورهين  جي ڄمار ۾ 22 اپريل 2011ع ڪراچي ۾ دل جي دوري پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.