رپورٽ: ڪراچي: غلط انجيڪشن سبب مفلوج ٿيل ٻارڙي نِشوا فوت اسپتال ۾ فوت

ڪراچي ۾ غلط انجيڪشن سبب مفلوج ٿيل ٻارڙي نِشوا فوت ٿي وئي.

 ڪراچي جي دار الصحت ۾ ڊاڪٽرز طرفان 9 مهينن جي معصوم ٻارڙي نِشوا کي غلط انجيڪشن لڳائي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙي معذور ٿي وئي هئي.

ٻارڙي جي  حالت خراب ٿيڻ سبب کيس هڪ ٻي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

نجي اسپتال جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جو دماغ 71 سيڪڙو مفلوج ٿي چڪو هو ۽ سندس هٿ پير ڦِري ويا هئا.

ٻارڙي کي 6 اپريل تي غلط انجيڪشن لڳائي وئي ۽13 اپريل تي ٻارڙي کي هڪ ٻي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه نِشوا جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار ٻارڙي جو پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ لاءِ پلان جوڙيو هو، الله ٻارڙي جي والدين کي صبر ڏئي…………….

 ****

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.