لاهور (م ڊ ) صحت واري اڳوڻي وفاقي وزير عامر ڪياني هٽائڻ تي خاموشي ٽوڙيندي چيو آهي ته مون کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ملي آهي، عمران خان جو فيصلو قبول آهي پر منهنجو ڪو به ڏوهه ناهي، ڊالر مون تي قيامت بڻجي ڪريو، عمران خان تي اعتماد آهي، بندوق ڏئي سرحد تي موڪلي ته تيار آهيان. لاهور ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر ڪياني چيو ته مون تي نااهلي جو الزام هنيو ويو پر حقيقت ايئن ناهي، دوائن جا ڪجهه اگهه ليگي ڪابينا ۽ ڪجهه وري ڊالر سبب وڌيا آهن. هن چيو ته دوائن جي اگهن ۾اضافي جو فيصلو ليگي ڪابينا ڪيو، ڪمپنين 80 سيڪڙو دوائن جي اگهن ۾گهٽتائي نه ڪئي، ڊالر سبب دوائن جي اگهن ۾ 8 کان 9 سيڪرو اضافو ڪيو، اسان دوائن جي اگهن ۾ معمولي اضافو ڪيو.