شهدادڪوٽ (ن ع آ ) شھدادڪوٽ ۾شھيد سرائي قربان کهاوڙ يادگار ڪاميٽي پاران باکوڙي موري جي شھيدن سرائي قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي ۽ نورالله تنيو جي اٺين ورسي ملهائي وئي، ورسي ۾ شريڪ سنڌ جي مختلف قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي هڪ وڏي انگ غريب آباد پاڙي ۾واقع سرائي قربان کهاوڙ جي رهائش گاهه کان ريلي ڪڍي مزارن تي پهچي گلن جي چادر چاڙھي سلامي ڏني، جتي جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري، سينيئر وائيس چيئرمين امير آزاد پنهور، جسقم جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ تحريڪ جي سورهيه سنڌي، عابد جهتيال، ايس يو پي اڳواڻ نياز پهنور، سرائي زين کهاوڙ، سرائي شير کهاوڙ ۽ ٻين چيو ته شھيد قومن جو سرمايو هوندا آھن جيڪي مور وسرڻا نه آھن، هنن چيو ته شهيدن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي ويساهه بخشيو آھي، اهڙي ويساهه تي اسان کي فخر آھي. هوڏانهن ڪراچي جي ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾جيئي سنڌ تحريڪ سورهيه بادشاهه يونٽ طرفان شهيدن جي ورسي جي تقريب ڪوٺائي ڏيئا ٻاري ۽ قومي ترانو پڙهي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن لالا عمران، سهيل سنڌي، امداد حمائتي، ڊاڪٽر جي ايم، عامر سنڌي ۽ ٻين چيو ته قومي ڪارڪنن کي هراسان ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾اهڙا واقعا ٿيندا رهيا آهن، قومي ڪارڪن اڄ به ثابت قدم آهن، هر مسئلي جو حل آجپي کي سمهجون ٿا.