نيب جي وزيراعظم جي مددگار يوسف مرزا خلاف به جاچ شروع

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب راولپنڊي وزيراعظم جي ميڊيا بابت خاص مددگار يوسف بيگ مرزا خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. نيب يوسف بيگ مرزا کي بار بار ايم ڊي پي ٽي وي مقرر ڪندڙ ڪميتي جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. نيب جاچ ڪري رهي آهي ته يوسف مرزا 1998ع، 2003ع ۽ 2010ع ۾ ڪهڙي طريقيڪار تحت ايم ڊي پي ٽي وي مقرر ٿيو. دستاويزن موجب يوسف مرزا تي 2 ارب رپين کان وڌيڪ خرد برد ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو الزام آهي جڏهن ته  نيب 1998ع ۽ 2014 وچ ۾ يوسف مرزا کي ڏنل فنڊن جا تفصيل به طلب ڪيا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.