مشتاق سرڪي هڪ ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي صدر پوليس حوالي، مختلف شهرن ۾مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/ سکر (نمائندا ) شاهراهه فيصل پوليس هٿان گرفتار ڪيل صحافي مشتاق سرڪي ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾پيش ڪيو ويو، هڪ ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي صدر پوليس حوالي، هوڏانهن قلم ڌڻي جي گرفتاري خلاف صحافين ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن مختلف شهرن ۾احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، ان سلسلي ۾مليل ڄاڻ موجب شاهراهه فيصل پوليس هٿان گرفتار ڪيل صحافي مشتاق سرڪي کي ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾پيش ڪيو ويو، پوليس پاران 5 ڪيسن ۾جسماني رمانڊ لاءِ عدالت کي درخواست ڪئي وئي، جوڊيشل مئجسٽريٽ وسيم بشير کوسو جي عدالت مشتاق سرڪي کي هڪ ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي صدر پوليس حوالي ڪندي کيس اڄ خاص عدالتن جي انتظامي جج آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، صحافي مشتاق سرڪي عدالت ۾ پيشي وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ارشاد رانجهاڻي جي بيگناهه قتل تي آواز اٿاريو ۽ قاتلن کي وائکو ڪيو، جنهن جي سزا ڏني پئي وڃي، مشتاق سرڪي چيو ته هر مظلوم لاءِ آواز اٿاريندو رهندس، هن چيو ته پوليس ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، هڪ ئي رات مونکي دهشتگرد قرار ڏئي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس تشدد پڻ ڪيو آهي. هوڏانهن صحافي جي گرفتاري خلاف حيدرآباد ۾هيومنٽي فرسٽ فائونڊيشن طرفان نگهت لاکير، درشن سچديو، روزينا گهانگهرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو ويو،  جيڪب آباد ۾علي مراد لاشاري، لاڙڪاڻي ۾ناظم چانڊيو، آصف چانڊيو، ڄامشوري ۾اين بي کوسو، زوهيب سولنگي، شڪارپور ۾سلطان رند، فهد سولنگي، نوشهري فيروز ۾ظفر تگر، زاهد راڄپر، ڪنڌڪوٽ ۾مسعود سومرو، راجا گوپي چند، گمبٽ ۾صفدر سهتو، زاهد ڄامڙو، ڪوٽڏيجي ۾خان محمد ملاح، سيوهڻ ۾ڪي ڪي بڙدي، تنگواڻي ۾آڪاش نندواڻي، امداد کوسو، جوهي ۾ايم سومر ٿهيم، فقير عيسيٰ باهوٽو، ميرپور بٺوري ۾قادر بخش زئنور، ڇني ۾خالد شاهاڻي، محرابپور ۾عزيز ميمڻ، ايڊووڪيٽ غزالا پنهور، ڳڙهي حسن ۾غلام رباني سرڪي، ٽنڊي مستي ۾اخلاق چانڊيو، وحيد گلال، ۽ قاضي احمد ۾ملنگ جتوئي، ڊاڪٽر شبير چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو ويو، مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪراچي پوليس پنهنجي ڏاڍ ۽ ظلم سان صحافت جي آواز کي ڪڏهن به خاموش نٿي ڪرائي سگهي، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي گهرجي ته صحافي مشتاق سرڪي پاران ڪراچي پوليس جي آفيسرن خلاف پيش ڪيل ثبوتن جي شفاف ڇنڊ ڇاڻ لاءِ جي آئي ٽي جوڙي ملوث آفيسرن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري مشتاق سرڪي کي جلد آزاد ڪيو وڃي، ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس آزاد نه ڪيو ويو ته گورنر هائوس ۽ وزير اعليٰ هائوس جو گهيراءُ ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.