اسلام آباد(م ڊ) پ پ جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو آهي ته تبديلي جي ديوار تان سرون لڏي رهيون آهن، بي رخ حڪومت وڌيڪ عرصي تائين هلندي نظر نه پئي اچي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته معاشي ۽ اقتصادي تباهي جو ذميوار رڳو وزيراعظم آهي، فلاحي رياست مدينه پيڙهيل طبقن جي سرپرست هئي،وزيراعظم بالادست طبقي جو نمائندو آهي،هن چيو ته تبديلي جي نالي تي ملڪي ترقي جو ڦيٿوجام ڪرڻ کانپوءِ ڪپتان کي خبر پئي ته هن جي ٽيم نااهل آهي، يوٽرن جي سهاري هلندڙ حڪمران ملڪ هلائڻ جي اهل ئي ناهن، هن چيو ته بلوچستان، ڪي پي ۽ سنڌ جو عوام ڄاڻي ٿو ته اين ايف سي ايوارڊ پ پ ڏنو، اپوزيشن سان هٿ نه ملائيندڙ حڪمران تي ڪهڙو پرڏيهي سيڙپڪار اعتماد ڪندو، 10 مهينن ۾ ته ڪو هڪ به سيڙپڪار ناهي آيو، بيروزگار نوجوانن جي قطارن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، عالمي بئنڪ جي رپورٽ تبديلي جو پول کولي ڇڏيو