ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ عالمي ڪپ لاءِ پندرنهن رڪني ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪرڪيٽ جي عالمي ميلي ۾ افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت گلبدين نائب ڪندو. مشن ورلڊ ڪپ لاءِ افغان سليڪٽرن پاران اعلانيل پندرنهن رڪني اسڪواڊ ۾ گلبدين نائب ( ڪپتان) محمد شهزاد ( وڪيٽ ڪيپر ) نور علي زدران، حضرت الله زازئي، محمد نبي، حشمت الله شهيدي، نجيب الله، سميع الله شنواري، دولت زدران، آفتاب عالم، حامد حسن، نجيب الرحمان، راشد خان، اصغر افغان ۽ رحمت شاهه شامل آهن. ياد رهي ته عالمي ڪپ 2019ع جي باظابطا شروعات 30 مئي تي ميزبان انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ميچ سان ٿيندي. عالمي لاءِ ويسٽ انڊيز کانسواءِ سمورين ٽيمن پنهنجي پنهنجي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.