اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب راولپنڊي اڳوڻي صدر جي ليگل ايڊوائيزر ابوبڪر زرداريءَ کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي. اڳوڻي صدر ۽ شريڪ چيئرمين پ پ آصف زرداري جي ويجهي ساٿي ۽ سندس ليگ ايڊوائزر ابوبڪر زرداري کي نيب راولپنڊي سڀاڻي طلب ڪيو آهي. ٻئي طرف ابوبڪر زرداري گرفتاري جي خدشي سبب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت کان اڳ گرفتاري جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سينئر وڪيل طور ڪم ڪري رهيو آهيان، نيب جي پيشي وقت گرفتاري جو خدشو آهي تنهن ڪري ٽرائل مڪمل ٿيڻ تائين گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪئي وڃي.