چين پاڪستان کي 6 ارب ڊالر جو قرض ڏنو، ڪو به وياج ناهي: چيني سفير

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيني سفير زائو جنگ چيو آهي ته چين پاڪستان کي 6 ارب ڊالر جو قرض ڏنو جنهن تي وياج ٻڙي آهي، ڀارت سميت ڪو به ملڪ سي پيڪ ۾ شرڪت ڪري سگهي ٿو. اسلام آباد ۾ چيني سفير زائو جنگ بيلٽ اينڊ روڊ فورم تي بريفنگ ڏيندي چيني سفير زائو جنگ چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروبار کي سولو بڻائڻ جي ڪوششن جي آجيان ڪريون ٿا،  پاڪستان جي خانگي شعبي جي ترقي ۾ مدد ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان چين واپار ۾ وڏو عدم توازن موجود آهي، سي پيڪ ۽ گڏيل فائدن تي ٻڌل منصوبو آهي، ٻطرفو واپار چين جي حق ۾ آهي،  پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڀروسي جوڳو ڀائيوار موجود آهي، پاڪستان سي پيڪ ئي نه پر هر لحاظ کان چين لاءِ اهم ترين ملڪ آهي، پاڪستان جي ترقي چين جي ترقي آهي پاڪستان اسان جو اهم ڀائيوار آهي.  چيني سفير چيو ته پاڪستاني پڙين ۾ چين جو حصو 65 سيڪڙو آهي، ايندڙ مرحلي ۾ پاڪ چين صنعتي لاڳاپن کي هٿي ڏني ويندي، جوائنٽ وينچر تي ڪم ڪيو ويندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.