قومي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي دوري ۽ عالمي ڪپ لاءِ اڄ رات روانو ٿيندي

 

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم سرفراز احمد جي قيادت ۾ انگلينڊ جي دوري ۽ عالمي ڪپ لاءِ اڄ رات روانو ٿيندي. سرفراز احمد جي اڳواڻي ۾ سترنهن رڪني قومي ٽيم انگلينڊ جي دوري ۽ عالمي ڪپ لاءِ اڄ رات لاهور کان لنڊن لاءِ روانو ٿيندي، پاڪستان ٽيم سرفراز احمد جي قيادت ۾ انگلينڊ خلاف پنج ون ڊي ۽ هڪ ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 27 اپريل تي ڪينٽ ڪائونٽي خلاف ميچ سان دوري جي شروعات ڪندي، ٽن پريڪٽس ميچن کانپوءِ  پنج مئي تي انگلش ٽيم خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي ويندي، جنهن بعد 5 هڪ ڏينهن وارين ميچن جي سيريز شروع ٿيندي. عالمي ڪپ جي شروعات 30 مئي کان ٿيندي جڏهن ته هر ٽيم سيمي فائنل کان اڳ 9، 9 ميچون کيڏندي. واضح رهي ته شاداب خان جي بيماري سبب ياسر شاهه کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته محمد عامر ۽ آصف علي لاءِ به انگلينڊ جي سيريز نهايت اهم آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.