ايف آءِ اي هڪ دفعو ٻيهر اصغر خان ڪيس بند ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايف آءِ اي سپريم ڪورٽ کي اصغر خان عملدرآمد ڪيس بند ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ اصغر خان عملدرآمد بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. بچاءَ واري وزارت پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي ٻڌايو ته بچاءَ واري وزارت طرفان معاملي جي جاچ لاءِ ڪورٽ آف انڪوائري ٺاهي وئي جنهن 6 شاهدن جا بيان قلبند ڪيا ۽ سمورين شاهدن ۽ سويلين ماڻهن جو جائزو ورتو. معاملي جي انجام تائين پهچائڻ لاءِ وڌيڪ شاهدن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي ۽ قائدن ۽ ضابطن تحت ڪوششون جاري آهن. ايف آءِ اي به سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائيندي هڪ دفعو ٻيهر ڪيس بند ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. ايف آءِ اي چيو ته ناڪافي شاهدين جي بنياد تي ڪيس ڪيئن ڪنهن به عدالت ۾ هلايو وڃي. ايف آءِ اي پنهنجي جواب ۾ چيو ته ڪيس ۾ بي نامي بئنڪ اڪائونٽن جي جاچ سميت اهم شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي موجب انڪوائري ڪميٽي صحافين مجيب الرحمان شامي ۽ حبيب اڪرام جا به انٽرويو ڪيا جڏهن ته مرڪزي شاهد برگيڊيئر رٽائر حامد سعيد ۽ ايڊووڪيٽ سعيد ميمڻ کان به پڇا ڪئي وئي. ايف آءِ اي چيو ته ڪيس اڳتي وڌائڻ ۽ وڌيڪ ٽرائل لاءِ شاهديون نه ملي سگهيون آهن تنهن ڪري مناسب شاهدي نه ملڻ سبب ڪيس ڪنهن به عدالت ۾ هلائڻ ممڪن ناهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.