پنجاب جي وڏي وزير ۽ مخالف ڌر اڳواڻ پارلياماني پارٽين جا اجلاس سڏائي ورتا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي بدلجندڙ سياسي حالتن تي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڌرابندي جو سلسلو جاري آهي ۽ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز پارلياماني پارٽين جا اجلاس سڏائي ورتا آهن.  وفاق کانپوءِ پنجاب ۾ وڏين تبديلن جي افواهن بعد پنجاب جو وڏي وزير عثمان بوزدار سرگرم ٿي ويو آهي ۽ هن پارلياماني پارٽين جو اجلاس سڏائي ورتو آهي جنهن دوران سياسي حڪمت عملي ۽ اسيمبلي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.  ٻئي پاسي پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز به سياسي سرگرميون تيز ڪندي پارلياماني پارٽين جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. هوڏانهن پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور صوبي جي صورتحال تي سڀاڻي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪندو، گذريل رات هن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سان به ملاقات ڪئي هئي. گورنر ۽ وڏي وزير جي ملاقات ۾ پنجاب جي سياسي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن مسلم ليگ ق جي قيادت سان به رابطو ڪيو ۽ چوڌري مونس الاهي سان به رابطو ڪري سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪري چڪو آهي.  پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور هڪ ڏينهن اڳ تازي صورتحال تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان به ملاقات ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.