غلط انجيڪشن لڳڻ سبب دماغي طور مفلوج ٻارڙي نشوا لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) غلط انجيڪشن لڳڻ سبب دماغي طور معذور ٿيندڙ ٻارڙي نشوا لاڏاڻو ڪري وئي. ڪراچي جي اسٽيڊيم روڊ تي قائم خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ معصوم ٻارڙي نشوا زندگي جي جنگ هارائي وئي، اسپتال ترجمان تصديق ڪندي ٻڌايو ته ٻارڙي جو دماغ 71 سيڪڙو مفلوج ٿي چڪو هو. نشوا کي 6 اپريل تي گلستان جوهر جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي غلط انجيڪشن لڳڻ سبب هوءَ دماغي طور معذور ٿي وئي هئي. غلط انجيڪشن وارو معاملو سامهون اچڻ کانپوءِ  ٻارڙي کي 13 اپريل تي اسٽيڊيم روڊ تي قائم خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.