سرفراز ورلڊ ڪپ لاءِ حڪمت عملي ٻڌائي ڇڏي

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد ورلڊ ڪپ ۾ بيٽسمين طور پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ لاءِ سنجيده آهي. لاهور ۾ ورلڊ ڪپ لاءِ لڳايل ڪئمپ دوران پنهنجي بيٽنگ تي خاص ڌيان ڏيندڙ سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته مون کي اندازو آهي ته منهنجي بيٽنگ ٽيم لاءِ ڪيتري اهميت رکي ٿي ۽ ان کي نظر ۾ رکندي مان فيصلو ڪيو آهي ته پنجين نمبر تي کيڏندس، جيڪو ٽيم جي مفاد ۾ هوندو. سرفراز احمد 101 ون ڊي ميچن ۾ 32.91 جي ايوريج سان 1942 رنسون ٺاهي چڪو آهي ۽ پنجين نمبر تي کيڏندي هن 10 اننگز ۾ 53.38 جي ايوريج سان 427 رنسون ٺاهيون آهن. ان حوالي سان سرفراز احمد جو چوڻ هو هونئن ته مان اوپنر کان وٺي نائين نمبر تائين کيڏي چڪو آهيان پر هاڻ وقت اچي ويو آهي ته مان طئي ڪري ڇڏيان ڪهڙي نمبر تي کيڏڻو آهي ۽ مناسب اهو ئي آهي ته مان پنجين نمبر تي بيٽنگ ڪيان، جيڪو مون لاءِ ۽ ٽيم لاءِ بهتر آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سرفراز احمد انگلينڊ ۾ 10 ون ڊي ميچن جي 5 اننگز ۾ پنجين نمبر تي ئي کيڏيو آهي، جن ۾ هن هڪ سينچري ۽ ٻن ففٽين جي مدد سان 300 رنسون ٺاهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.