پي سي بي نعمان بٽ کي معطل ڪري ڇڏيو، پابندي لاڳو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي بورڊ آف گورنرز جي هڪ ميمبرن جي دانهن تي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي گورننگ بورڊ جي ميمبر نعمان بٽ تي پابندي لاڳو ڪندي کيس اڻڄاتل مدي تائين معطل ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي گذريل ڏينهن گورننگ بورڊ اجلاس ۾ ضابطن جي ابتڙ ٺهراءُ پيش ڪرڻ ۽ مطالبن جي منظوري تائين اجلاس جو بائيڪاٽ ڪرڻ تي گورننگ بورڊ جي ميمبر کي معطل ڪري ڇڏيو. گورننگ بورڊ جي هڪ ميمبر شڪايت داخل ڪرائيندي نعمان بٽ کي پي سي بي جي قانونن جي ڀڃڪڙي جو ذميوار قرار ڏنو، مٿس ڳجهي ڄاڻ ظاهر ڪرڻ ۽ پي سي بي چيئرمين خلاف نازيبا ٻولي استعمال ڪرڻ جو الزام مڙهيو ويو آهي. پي سي بي جي پڌرائي موجب نعمان بٽ تي حساس دستاويز شيئر ڪرڻ ۽ پي سي بي چيئرمين خلاف نازيبا لفظ استعمال ڪرڻ جو الزام آهي. پي سي بي ترجمان موجب بورڊ جي آئين جي آرٽيڪل 10 (6) موجب بورڊ چيئرمين احسان ماني ميمبر جي شڪايت هڪ آزاد ايجوڪيٽر حوالي ڪري ڇڏي آهي، پي سي بي چيئرمين جي ان قدم کانپوءِ آئين جي آرٽيڪل 10 (7) تحت ڪو به ميمبر، جنهن خلاف چيئرمين شڪايت ايجوڪيٽر حوالي ڪري، کيس بورڊ آف گورننس ۽ ڪميٽي اجلاسن ۾ شرڪت جي اجازت نه هوندي. نعمان بٽ جي ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس رٽائرڊ فضل ميرا چوهان ڪندو. دانهن ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو آهي ته نعمان بٽ غلط بياني ۽ ڪوڙا الزام لاڳو ڪرڻ سان گڏ حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ جي مفادن جي خلاف ڪم ڪيو. شڪايت گذار طرفان نعمان بٽ تي پي سي بي آرٽيڪل 19 جي ڀڃڪڙي جو الزام به لڳايو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.