ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ٿي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ عابد علي ۽ محمد حسنين جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته محمد عامر کي ڊراپ ڪيو ويو آهي. قومي ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ فخر زمان، امام الحق، عابد علي، بابر اعظم، شعيب ملڪ، محمد حفيظ، حارث سهيل، سرفراز احمد (ڪپتان)، عماد وسيم، شاداب خان، فهيم اشرف، حسن علي، شاهين آفريدي، جنيد خان ۽ محمد حسنين شامل آهن. انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ 17 رڪني اسڪواڊ ۾ محمد عامر ۽ آصف علي کي به شامل ڪيو ويو آهي. انضمام الحق موجب اسان وٽ رانديگر تبديل ڪرڻ جو آپشن موجود آهي، محمد عامر ۽ آصف علي ڪارڪردگي جي بنياد تي ورلڊ ڪپ جي 15 رڪني اسڪواڊ ۾ جاءِ ٺاهي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.