پاڪستاني فنڪارن وچ ۾ فٽنس مقابلو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ فنڪارن جون ته پاڻ کي فٽ رکڻ لاءِ جم ۾ ورزش ڪندي ويڊيوز وائرل ٿينديون رهنديون آهن پر هاڻ ملڪي فنڪارن به پاڻ کي فٽ ۽ سمارٽ رکڻ لاءِ ورزش ڪرڻ واريون ويڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون آهن.  پاڪستاني سپر اسٽار همايون سعيد بالي ووڊ جي ڪنهن خان کان گهٽ ناهي، چاليهه ورهين جي عمر ۾ به همايون سعيد بالي ووڊ خانن جيان سمارٽ نظر ايندو آهي، ۽ پاڻ کي فٽ رکڻ لاءِ سخت محنت ڪندو آهي. تازو ئي هن جم ۾ ورزش ڪرڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو فٽ رهڻ لاءِ سخت محنت ڪندي نظر اچي رهيو آهي ان سان گڏ ئي هن مداحن کي پنهنجي کاڌي پيتي جي شوق بابت ٻڌائيندي چيو ته جڏهن نهاري کائڻ جو گهڻو شوق هجي  ته پوءِ وري ايندڙ فلم تائين فٽ ٿيڻ لاءِ اهو سڀ ته ڪرڻو پوندو آهي. رڳو همايون سعيد ئي پاڻ کي فٽ رکڻ لاءِ ورزش ناهي ڪندو پر نامياري اداڪارا ماورا حسين ۽ علي ظفر به پنهنجون ورڪ آئوٽ ڪندي ويڊيوز شيئر ڪيون ۽ ٻڌايو ته هو به همايون سعيد کان گهٽ ناهن. ماورا حسين پاران شيئر ڪيل ويڊيو ۾ هو بنهه اهڙي ريت ورزش ڪندي نظر اچي رهي آهي جهڙي ريت همايون سعيد ڪري رهيو آهي. علي ظفر به بس ڪري نه ويٺو همايون سعيد ۽ ماورا حسين وانگر ئي هن به ٻنهي اداڪارن جي انداز ۾ ورزش ڪرڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي لکيو  آئون به ڪنهن کان گهٽ ناهيان ۽ فٽ ۽ سمارٽ رهڻ لاءِ سخت محنت ڪندو آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.