فلم”ليجنڊ آف مولا جٽ“ جي رليز خلاف درخواست جي جلد ٻڌڻي جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ فلم ”ليجنڊ آف مولا جٽ“ جي نمائش روڪڻ جي درخواست جي جلد ٻڌڻي جي هدايت ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس امين الدين خان فلم ليجنڊ آف مولا جٽ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وڪيل بوزدار حيدر چيو ته فلم جي رليز ۽ ان جي شوٽنگ لاءِ انتظام مڪمل آهن، فلم جي رليز خلاف درخواست تي جلد ٻڌڻي ڪئي وڃي. لاهو ر هاءِ ڪورٽ درخواست تي 6 جون بدران 24 اپريل تي ٻڌڻيءَ جي هدايت ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.