لاهور (ويب ڊيسڪ) راڳي علي ظفر ۽ ڳائڻي ميشا شفيع جي ڪيس ۾ اڄ شاهدن جا بيان قلمبند نه ٿي سگھيا. ميشا شفيع جي وڪيل عدالت ۾ استدعا ڪئي ته جيستائين سپريم ڪورٽ جي ڊائريڪشن نٿي اچي تيستائين شاهدن جا بيان قلمبند نه ڪيا وڃن. لاهور ايڊيشنل سيشن جج شڪيل احمد راڳي علي ظفر جي ميشا شفيع خلاف ساک متاثر ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ڳائڻي ميشا شفيع جي وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته شاهدن کان آڏي پڇا ڪرڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي. فريادي ڌر جي وڪيل عنبرين قريشي اعتراض واريو ته ميشا شفيع جو وڪيل ڪيس کي ڄاڻي واڻي دير جو شڪار ڪري رهيو آهي. علي ظفر جي ٻئي وڪيل رانا انتظار حسين پنهنجن دليلن ۾ چيو ته ميشا شفيع الزام مڙهي هاڻي عدالتي ڪاروائي سان به منهن ڏي. علي ظفر جي وڪيل عنبرين قريشي موقف اختيار ڪيو ته عدالت شاهدن جو وقت ضيان ٿيڻ کان بچائي جيڪي پيشي تي باقاعدگيءَ سان عدالت ۾ پيش ٿيندا رهيا آهن. عدالت ميشا شفيع جي وڪيل جي استدعا منظور ڪندي ڪيس جي ڪاروائي 27 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like