ڪراچي (ويب ڊيسڪ)جذبن جي شهنشاهه جو لقب رکندڙ پاڪستان جو ليجنڊ اداڪار محمد علي جي اڄ 88 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي. ڪيترائي سال فلمي دنيا تي راڄ ڪندر پاڪستان جو مشهور اداڪارا محمد علي 19 اپريل 1931ع تي هندستان جي شهر رام پور ۾ ڄائو ۽ ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان اچي 1956ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ هو ريڊيو پاڪستان ڪراچي منتقل ٿيو. محمد عليءَ جي دم دار آواز سندس کي هڪ بهترين براڊ ڪاسٽر جي حيثيت طور مڃرايو ۽ سندس کي فلمي دنيا تائين پهچائڻ لاءِ مک ڪردار ادا ڪيو. محمد علي 1962ع ۾ فلم ”چراغ جلتا رها“ ۾ ولن طور فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ شروعاتي ڪجهه فلمن ۾ ناڪاري ڪردار پڻ نڀايا، هيرو طور محمد علي جي پهرين فلم ”مسٽرايڪس“ هئي پر فلم ”شرارت“ ”ايڪس“ کان اڳ رليز ٿي هئي. محمد علي جي شهرت جي شروعات 1964ع ۾ رليز ٿيل فلم ”خاموش رهو“ کان ٿي، ان فلم تي هن مددگار اداڪار نگار ايوارڊ به حاصل ڪيو. اداڪار محمد علي پنهنجي سموري ڪيريئر ۾ 10 نگار ايوارد ماڻيا. فلم ”صائقه“، ”آس“، ”آئينه اور صورت“، ”انسان اور آدمي“ اداڪار محمد علي جون اهي فلمون آهن جن ۾ سندس جي اداڪاري عروج تي رهي. اداڪار محمد علي ايشيا جي 25 بهترين اداڪارن جي فهرست ۾ شامل آهي. هن 275 جي ويجهو فلمن ۾ ڪم ڪيو جن ۾ اردو، پنجابي، پشتو، بنگالي ۽ هندي فلمون شامل آهن. محمد علي 19 مارچ 2006ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو پر هو اڄ به پنهنجي چاهيندڙبن جي دلن ۾ موجود آهي. اداڪار محمد علي کي فلم انڊسٽري لاءِ بهتري خدمتون انجام ڏيڻ تي پرائيد آف پرفارمنس ۽ تمغه امتياز سان پڻ نوازيو ويو آهي.

You might also like