ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فلم انڊسٽري جي اداڪار شان بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان کي نصيحت ڪندي چيو آهي ته انسان کي پنهنجو اعتماد ڪڏهن به نه وڃائڻ گھرجي. اداڪار شان نه رڳو شوبز معاملن پر ملڪي ۽ سياسي معاملن ۾ به اڪثر کلي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي نظر ايندو آهي ان کان علاوه هو ڪيترن موقعن تي پاڪستاني اداڪارن کي مختلف نصيحتون به ڪري چڪو آهي جن ۾ هانيا عامر ۽ عاصم اظهر جو واقعو تازو آهي جنهن ۾ هن ٻنهي کي پنهنجي رشتي جي احترام جو درس ڏنو هو. پر هاڻي هن بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان کي وڏي نصيحت ڪئي آهي. تازو ئي هڪ انٽرويو دوران جڏهن بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان کان سندس جي ايندڙ فلم بابت سوال پڇيو ويو ته هن جواب ڏيندي چيو ته هن وقت آئون پنهنجي ايندڙ فلم پروجيڪٽ بابت ڪو به فيصلو ناهي ڪيو، پنهنجي ايندڙ فلم بابت مونکي جيڪو به فيصلو ڪرڻو هوندو اهو جون مهيني ۾ ڪندس. ڪنگ خان جي ان جواب مان ظاهر آهي ته هو ”زيرو“ جي ناڪامي کان پوءِ فلمن جي چونڊ ۾ محتاط ٿي ويو آهي ۽ ايندڙ فلم بابت سوچي سمجهي فيصلو ڪندو. پر اداڪار شان شاهه رخ خان کي نصيحت ڪندي چيو آهي ته جڏهن هڪ اداڪار پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو جذبو ۽ اعتماد وڃائي ويهي ته پوءِ اهو جواب سامهون ايندو آهي (جيڪو شاهه رخ ڏنو آهي). توهان جي بک ڪڏهن به ختم نه ٿيڻ گھرجي، انهن سڀني اداڪارن کي ڏسو جن ڪامياب ٿيڻ بعد ڇا ڪيو، هن پاڻ کي چيئلينج ڪيوا هو سڀ ڪرڻ لاءِ جيڪو هو ڪرڻ چاهي پيو، ڪردار هڪ اداڪار جي اندران ايندو آهي.

You might also like