رياض (ويب ڊيسڪ) ٿولهه کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي شهرين 2018ع ۾ 3.8 ارب ريال خرچ ڪري ڇڏيا، عالمي سطح تي گڏيل ڪوششون نه ڪيون ويون ته سموري دنيا ۾ 2.7 ارب ماڻهو 2025ع تائين ٿولهه جو شڪار ٿي ويندا. ٿولهه کي وڌائڻ لاءِ انسان کي گھڻيون ڪوششون ناهن ڪرڻيون پونديون پر ان کي گھٽ ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي، سعودي عرب جي آبادي جو 50 سيڪڙو حصو ٿولهه جو شڪار آهي ۽ ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي شهرين سال 2018ع 3.8 ارب ريال خرچ ڪري ڇڏيا. مقامي اخبار انگ اکر گڏ ڪندڙ اداري ريسرچ مارڪيٽس طرفان جاري ڪيل رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته سعودي شهرين وزن گھٽائيندڙ دوائن کان علاوه ورزش جا اوزار خريد ڪرڻ ۽ ورزش جي مرڪز جي فيسن تي 3.8 ارب ريال خرچ ڪيا. سعودي ڊائبٽيز ڪائونسل موجب ڪل آبادي جو 50 سيڪڙو حصو ٿولهه جو شڪار آهي، ڪائونسل موجب سعودي عرب ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون ٿولهه جو وڌيڪ شڪار آهن. ٿولهه جي وڌندڙ شرح کي نظر ۾ رکندي ريسرچ اينڊ مارڪيٽس جي ماهرن جو اندازو آهي ته 2019ع ۾ وزن گھٽائڻ لاءِ سعودي شهري 5.9 ارب ريال خرچ ڪندا. رپورٽ موجب ٿولهه جي شرح انهيءَ رفتار سان وڌندي رهي ته خرچن ۾ به واڌ ٿيندي رهندي. سعودي ڊائبٽيز ڪائونسل جي ٿيل ڪانفرنس دوران صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل سرڪاري انگن اکرن جو حوالو ڌيندي چيو ويو ته سعودي عرب ۾ 25 سيڪڙو آبادي شوگر جو شڪار آهي جڏهن ته 50 سيڪڙو مرد ۽ عورتون ٿولهه جو. جديد طرز زندگي ۽ آرام پسندي سبب شوگر ۽ ٿولهه جي شرح ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿيندي پئي وڃي. ڪائوسل جو چوڻ هو ته شوگر سبب سموري دنيا ۾ هر سال 5 هزار ماڻهن جا پير ڪاٽيا ويندا آهن، هن وقت 3.8 ملين سعودي شهري شوگر جي سنگين حال ۾ ورتل آهن. موجود ڄاڻ موجب ان مرض سبب هن وقت تائين 14665 ماڻهو جان تان هٿ ڌوئي ويٺا آهن. شوگر سبب ماڻهن ۾ دل، بڪين جهڙيون ٻيون گھڻون بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن. ٿولهه کي گھٽ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته مناسب کاڌو استعمال ڪيو وڃي، عورتون خاص طور تي پنهنجي صحت جو خيال رکن، جسم کي ضرورت موجب ڪيلوريز ڏنيون وڃن. زندگيءَ جي طرز ۾ تبديلي آندي وڃي، آرام پسندي کي ترڪڪري جسماني ورزش کي اپنايو وڃي.

Prev Post
You might also like