اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت دوائن جي اگهن ۾ واڌ تي ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي جو اسپيشل آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، آڊٽ جو مقصد دوائن جي اگهن جي تعين ۾ شفافيت جو اندازو لڳائڻ آهي. تفصيل موجب وفاقي حڪومت دوائن جي اگهن ۾ واڌ تي وڏو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي جو اسپيشل آڊٽ ڪرايو ويندو. صحت واري وزارت آڊيٽر جنرل پاڪستان جي نالي خط لکي ڇڏيو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته ڊريپ جو 2013ع کان 2018ع تائين آڊٽ ڪيو وڃي، ڊريپ جو اسپيشل آڊٽ دوائن جي اگهن بابت ڪيو ويندو. خط موجب آڊٽ جو مقصد دوائن جي اگهن جي تعين ۾ شفافيت جو اندازو لڳائڻ آهي. ميڊيا ۾ ڊريپ بابت بي ظابطگين جا الزام سامهون اچي رهيا آهن. صحت واري وفاقي وزير عامر ڪياني جو چوڻ آهي ته ڊريپ جي ڪارڪردگي شفاف ۽ معياري بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڊريپ جي آڊٽ سان اداري تي عوامي اعتماد ۾ واڌ ٿيندي، حڪومت عوام کي سستين ۽ معياري دوائن جي پهچ ممڪن بڻائيندي.

You might also like