ساهه کڻڻ جون مشقون دل ۽ دماغ لاءِ گھڻو فائديمند قرار

ڪولاراڊو (ويب ڊيسڪ) چيني ۽ هندي تهذيبن ۾ ساهه کڻڻ جون مشقون هزارين سالن کان هن وقت تائين مروج آهن ۽ هاڻي سائنس به ان جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته ساهه جي ورزش سان دل ۽ دماغ، رت جي دٻاءَ ۽ ٻين سڀني عضون تي زبردست اثر پوندو آهي.

ڊاڪٽرن موجب “انسپائريٽري مسل اسٽرينٿ” (آءِ ايم ايس ٽي) سان انساني دماغ جي صلاحيت به سـٺي ٿيندي آهي ۽ سموري جسماني نظام تي به ان جا هاڪاري اثر پوندا آهن. يونيورسٽي آف ڪولاراڊو جي ماهر ڊينيئل ڪريگ هيڊ ٻڌايو ته آءِ ايم ايس ٽي طريقو جيڪڏهن پنجن منٽن تائين استعمال ڪجي ته ان مان ڪيترائي طبي فائدا حاصل ٿيندا آهن.

آءِ ايم ايس ٽي ساهه ذريعي عضون کي مضبوط بنائڻ جو هڪ طريقو هوندو آهي پر هاڻي خبر پئي آهي ته اهو عمل گھڻو فائديمند به آهي. هڪ عرصي کان اهو ساهه جي مريضن، برونگائٽس جو شڪار ماڻهن ۽ سسٽڪ فائبروسس ۾ مبتلا ماڻهن جي تڪليف ختم ڪرڻ ۾ مددگار آهي.

2016ع ۾ ننڊ جي کوٽ جو شڪار ماڻهن کي ڇهن هفتن تائين ساهه جي آءِ ايم ايس ٽي مشق ڪرائي وئي ۽  ڏينهن ۾ 30 ڀيرا انهن کي ائين ڪرڻ جو چيو ويو. ان جو فوري اثر 12 ملي ميٽر سسٽالڪ بلڊ پريشر ۾ گھٽتائيءَ طور سامهون آيو. ڊاڪٽرن ان جا فائدا 50 سالن يا ان کان وڌيڪ عمر وارن مريضن ۾ ڏٺا آهن.

ڪولاراڊو يونيورسٽي ۾ فنزيالوجي ۽ پوڙهائپ جي ماهر پروفيسر ڊوڪ سيلر چيو ته ٽيڪنيڪ انتهائي مصروف اڌ عمر وارن ماڻهن جي صحت لاءِ گھڻي سٺي آهي جنهن کي هو ويٺي ويٺي ئي انجام ڏئي سگھن ٿا. جن ماڻهن آءِ ايم ايس ٽي ورزش ڪئي هئي انهن ٽريڊمل جي ڊوڙ ۽ دماغي ٽيسٽن ۾ به ٻين جي   ڀيٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ اهي گھڻي دير تائين ڀڄندا رهيا.

ماهرن موجب آءِ ايم ايس ٽي ورزش يا آفيس ٻنهي ۾ ڪري سگھجي ٿي ۽ ان سان دل کي طاقت ملندي آهي. واضح رهي ته آءِ ايم ايس ٽي کي هڪ سادي اوزار سان انجام ڏئي سگھجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.