سائنسدانن ڪائنات جي وڏي راز بليڪ هول جي پهرين تصوير حاصل ڪري ورتي

لنڊن(ويب ڊيسڪ) سائنسدان پهريون ڀيرو ڪائنات جي هڪ وڏي راز بليڪ هول جي پهرين تصوير وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جيڪو ڏورانهين ڪهڪشان ۾ موجود آهي. هي بليڪ هول 40 ارب ڪلو ميٽر جي حجم جو هو يعنيٰ زمين کان ٽي سيڪڙو وڏو جڏهن ته سائنسدانن ان کي عفريت قرار ڏنو هو. هي بليڪ هول زمين کان 500 ملين ٽريلين ڪلو ميٽر پري هو ۽ ان جي تصوير هن سڄي دنيا ۾ ايونٽ هورائزن ٽيلي اسڪوپ (اي ايڇ ٽي) نالي 8 ريڊيو دوربينن جي هڪ نيٽ ورڪ ورتي جنهن جي لاءِ 200 کان وڌيڪ سائنسدانن گڏجي ڪم ڪيو. هي پهريون ڀيرو آهي جو سائنسدانن ڪنهن بليڪ هول جي تصوير ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيا هجن جنهن سان ڪائنات جي هن زار کي سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهندي. ايونٽ هورائزن ٽيلي اسڪوپ جي ڊائريڪٽر ۽ هارورڊ يونيورسٽي جي محقق ان باري ۾ ٻڌايو ته بليڪ هول اسان جي ڪائنات جي ڪجهه پراسرار ترين شين مان هڪ آهي، ۽ اسان اُهو ڏسي رهيا آهيان جنهن جي باري ۾ اسان جو خيال هو ته ان کي ڏسڻ ممڪن ناهي، اسان بليڪ هول جي هڪ تصوير ورتي آهي. پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي نيدرلينڊ جي راڊبوڊ يونيورسٽي جي پروفيسر هينو فليڪي ٻڌايو ته هي بليڪ هول هڪ ڪهڪشان ايم 87 ۾ موجود آهي ۽ اسان جيڪو ڏسي رهيا آهيون اُهو اسان جي سڄي نظام شمسي جي حجم کان به وڏو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.