مصنوعي ذهانت رکندڙ آٽوميٽڪ هاري روبوٽ

آسٽريليا (ويب ڊيسڪ) ڪجهه سال اڳ دنيا ۾ اگيرس ڪمپني جي هاري روبوٽن جو ذڪر گھڻو مشهور ٿيو هو پر هاڻي ان ۾ وڌيڪ تبديليون ڪري ان  کي مصنوعي ذهانت (اي آءِ)  سان ليس ڪري وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو  اهل بڻايو ويو آهي. 2020ع ۾ هاري روبوٽ واپاري پيماني تي عام موجود هوندو ان کان اڳ 2016ع جو اهو روبوٽ رموٽ ڪنٽرول سان هلندو هو. اهو فصلن، ٻَنين جي سار سنڀال ڪرڻ کان علاوه فصل دشمن گاهه (ويڊر) جي نشاندهي به ڪري سگھندو.ٻئي مرحلي ۾ ان هاري روبوٽ کي ڌنار بڻايو ويندو جيڪو  ڍورن کي چارائڻ ۽ انهن جي سال سنڀال ڪندي وائرليس ذريعي ان جي خبر مالڪ کي روانو ڪندو. جڏهن ته ڪمپني جي  دعويٰ آهي ته اهو غريب ۽ ترقي يافتا ملڪن جي پهچ ۾ به هوندو. اي آءِ جي ڪري فصلن جي پيداوار جو حساب ڪتاب لڳائڻ جي صلاحيت به رکندو آهي. ان تي روبوٽڪ ٻانهن لڳائي ويندي جنهن ذريعي اهو پاڻمرادو خراب گاهه کي ڪاٽيندو رهندو ۽ فصلن کي اسپري به اهو پاڻ ڪندو. ذرعي آٽوميشن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ 10 سالن ۾ فصلن ۽ ٻنين تي آٽوميٽڪ روبوٽ ۽ پاڻمرادو فيصلو ڪندڙ نظام عام ٿي ويندو. اهو نظام هارين جو بار گھٽ ڪندو ۽ ان جو خرچ به مناسب هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.