ڪيمبرج (ويب ڊيسڪ) زمين تي سمنڊ جي سڀ کان گھري ترين هنڌ تي اهڙا بيڪٽيريا دريافت ٿيا آهن جيڪي تيل جي جزن کي کائي پنهنجي پيٽ ڀريندا آهن. بحرالڪاهل جي ويجهو هڪ مشهور هنڌ ماريانا ٽرينچ ۾ هڪ کاهي آهي. جنهن جي گھرائي 11 هزار ميٽر يا تقريبن 36 هزار فٽ آهي. ۽ انهيءَ هنڌ تي ماهرن عجيب بيڪٽيريا دريافت ڪيا آهن. ڪيمبرج يونيورسٽي جي ماهر پروفيسر ڊيوڊ سمٿ اها دريافت ڪئي آهي ۽ سندس جو اصرار آهي ته هن وقت تائين ڄاڻ موجب سموري زمين جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ تيل ڳڙڪائيندڙ بيڪٽيريا يا ماريانا خندق ۾ ئي مليا آهن. تيل هجي يا گئس ٻئي هائڊروجن ۽ ڪاربن ايٽمن تي ٻڌل هوندا آهن ۽ قدرتي طور تي ڪجهه بيڪٽيريا ان جهڙا مرڪب کائي توانائي حاصل ڪندا آهن. 2010ع ۾ نار ميڪسيڪو ۾ تيل جي وهڪري کي گھٽ ڪرڻ لاءِ اهڙن ئي بيڪٽيرياز مان ڪم ورتو ويو هو. جن جي ڪري ڪچي تيل کي سادن جزن ۾ ورهايو ويو هو. هاڻي ماريانا ٽرينچ جا اهي بيڪٽيريا به اهي ئي خاصيتون رکن ٿا. سائنسدانن سمنڊر جي سطح کان ٻه هزار ميٽر، چار هزار ميٽر ۽ پوءِ 6 هزار ميٽر گھرائي ۾ ڏٺو ته هر هنڌ اهڙا بيڪٽيريا نظر آيا پر ان جو سبب هڪ ٿي سگھي ٿو جيڪو گھڻو پريشان ڪندڙ به آهي. رپورٽ جي هڪ ٻئي ليکڪ نڪولائي پيڊ نچوڪ موجب جيتوڻيڪ اهي بيڪٽيريا تيل کي خوراڪ طور استعمال ڪندا آهن ته ان مان ظاهر ٿيو آهي ته سمنڊ جي گھرائي تائين اهڙا بيڪٽيرياز واڌ ويجهه ڪري رهيا آهن. پر انساني گدلاڻ سان گڏوگڏ ان جو هڪ ٻيو سبب به ٿي سگھي ٿو. اُهو ِاهو آهي ته انهن گهرائن ۾ ڪجهه بيڪٽيريا اهڙا به آهن جيڪي ڊيزل يا ٻارڻ سان ملندڙ جلندڙ هائيڊرو ڪاربنز تيار ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ سامونڊي الجي کي به اهو ڪم ڪندي ڏٺو ويو آهي. ماهرن جيتوڻيڪ ان ڏس ۾ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت کي لازمي قرار ڏنو آهي پر هنن جو خيال آهي ته پاڻي جي ان گھرائي ۾ سخت دٻاءُ سان منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي تبديل ڪري بيڪٽيريا هائيڊروڪاربنز کائڻ لڳا آهن.