واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ناسا جي پلينٽ هنٽر خلائي جهاز زمين کان 53 نوري سال پري زمين جيترو سيارو ڳولي ورتو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب دريافت ڪيل سيارو پنهنجي ستارن جي چوڌاري 8 ڏينهن ۾ چڪر پورو ڪندو آهي، اهو سيارو جنهن خلائي جهاز ڳوليو آهي ان کي گذريل سال ئي لانچ ڪيو ويو هو. تحقيق ڪندڙن چيو آهي ته ان سياري جو ستارو آهي اهو اسان جي سج کان 20 سيڪڙو ننڍو آهي. هڪ سائنسدان جو چوڻ آهي ته جيڪي ستارا اسان جي گھڻو ويجهو آهن ۽ وڌيڪ روشن آهن، اميد آهي ته انهن جا ڪيترائي زمين جيترا سيارا دريافت ٿي ويندا. هن جو چوڻ هو ته موجوده دريافت پلينٽ هنٽر TESS لکن کان وڌيڪ ستارن جي روشني کي مانيٽر ڪندو. واضح رهي ته گذريل سال آمريڪي خلائي تحقيقي اداري ناسا خلا ۾ نئون سيٽلائٽ موڪليو هو جنهن جو مقصد شمسي نظام جي ٻاهران اهڙن سيارن جي ڳولا آهي جيڪي ويجهن ستارن جي چوڌاري گھمي رهيا آهن.

You might also like