روسي اختيارين ٽوئيٽر ۽ فيس بُڪ کي الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي اختيارين سوشل ميڊيا ويب سائيٽس فيس بُڪ ۽ ٽوئيٽر کي روسي واهپيدارن جي ڊيٽا واپس روس ۾ موجود سرورز تي منتقل ڪرڻ لاءِ 9 مهينن جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اها ڳالهه اڄ ٽيلي مواصلاتي شعبي جي نگران روسي اداري جي سربراهه آليگزانڊر زاروف ٻڌائي. هن اميد ظاهر ڪئي ته فيس بُڪ ۽ ٽوئيٽر ماسڪو حڪومت جو اهو مطالبو وقت سر پورو ڪندا ۽ روس کي انهن کي بلاڪ نه ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.