سنگاپور (ويب ڊيسڪ) رڳو پنجن منٽن ۾ پاڻي ۾ زهلي ڌاتن جو هجڻ ۽ ان شدت ظاهر ڪندڙ هڪ انقلابي دستي اوزار سنگاپور ۾ تيار ڪيو ويو آهي. عام طور تي پاڻي ۾ زهريلي ڌاتن جو مقدار ڄاڻڻ لاءِ پاڻي جو نمونو تجربي واري هنڌن تي موڪليو ويندو آهي جنهن ۾ گھڻو وقت لڳي ويندو آهي. پر اهو نئون اوزار ان ڪم کي تيز بڻائيندي رڳو پنجن منٽن ۾ پاڻي ۾ موجود پاري، آرسيمڪ (سينکيو) ڌاتن جي نشاندهي ۽ ان جي مقدار کي به ظاهر ڪري سگھندو آهي. ان جي تياري ۾ ماهرن انساني جسم جي نظام کي نظر ۾ رکيوآهي. پاڻيءَ جي جنهن ذخيري تي توهان کي شڪ هجي ته ان جا رڳو ڪجهه ڦڙا ان اوزار ۾ وجهي 5 منٽ انتظار ڪريو. اهو ايترو حساس آهي جو پاڻي ۾ سيسي جو حصو في ارب به هجي تڏهن به ان کي سولائيءَ سان سڄاڻي وٺندو آهي. گڏيل طور تي اهو 24 قسمن جي ڌاتن جي موجودگي جو پتو لڳائيندو آهي. ان تيار ڪندڙ ڪمپني جو نالو پلائي آهي ۽ ٻئي مرحلي ۾ ان اوزار کي واپاري پيماني تي تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. آپٽيڪل فائبر ئي ان سينسر جي جان آهن جيڪي ڳرن ڌاتن کي پان سان ٻڌي ڇڏيندا آهن. آپٽيڪل تارن مان ليزر گذرندي آهي ۽ جيئن ئي ان سان ڌاتن جا جزا ڳنڍجي ويندا آهن ليزر جي روشتي مٽجي ويندي آهي جنهن سان ماهر پاڻيءَ ۾ موجود ڌاتن ۽ ان جي مقدار جو پتو لڳائيندا آهن.

Prev Post
You might also like