سياري ۾ ڪيو چهري جي حفاظت گهر ويٺي

سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي چهري جي کَل خُشڪ ۽ بي رنگ ٿي ويندي آهي، ٿڏي هوا لڳڻ سبب ڳَل ۽ چَپٽ به ڦاٽي پوندا آهن، جنهن سبب توهان کي مارڪيٽ ۾ وڃي مهانگي اگهه تي مختلف ڪيميڪل شيون خريد ڪرڻيون پونديون آهن، جيڪي فائدي سان گڏوگڏ نقصان به ڏينديون آهن پر اسان توهان کي اهڙا نُسخا ٻڌائي رهيا آهيون، جيڪي گهٽ خرچ ۽ ڪنهن به نقصان جي خوف بنا توهان گهر ويٺي استعمال ڪري سگهو ٿا.

1: هڪ چنچو نارنگي جو جوس، هڪ چمچو ليمي جي رَس ۽ هڪ ڪوپ ڏهي کي چڱيءَ طرح گڏائي ماسڪ وانگر پنهنجي چهري تي لڳائي ڇڏيو ۽ 15 منٽن کانپوءِ هلڪي گرم پاڻي سان مُنهن ڌوئي ٽِشو سان اُگهي ڇڏيو، توهان جي چهري جي خشڪي ختم ۽ رنگ بحال ٿي ويندو.

2: هڪ چمچو ماش جي دال ۽ 5 عدد بادامن کي رات جو ڀِڄائي رکو ۽ صبح جو اُٿي انهن جو پيسٽ ٺاهي اڌ ڪلاڪ تائين چهري تي لڳائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هلڪي گرم پاڻي سان مُنهن ڌوئي ڇڏيو. اهو عمل ڪجهه ڏينهن ورجائڻ سان توهان جي چهري جي جلد نرم، ملايم ٿي ويندي ۽ مُنهن تي نکار پيدا ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.