واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن جي ويب سائٽ فيس بڪ ايندڙ هفتي ڀُورن قوم پرستن ۽ عليحدگي پسند عنصرن تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب فيس بڪ انتظاميا چيو آهي ته هو دهشتگرد گروهن طرفان فيس بڪ تي شايع ٿيندڙ مواد جي سڄاڻپ ڪرڻ ۽ ان تي پابندي لڳائڻ جي صلاحيت کي بهتر بڻايو ويندو. فيس بڪ اهو قدم نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ ڀُوري دهشتگرد طرفان ٻن مسجدن تي ٿيل حملن جي لائيو ويڊيو فيس بڪ تي هلائڻ کان پوءِ ورتو کنيو ويو آهي، ڇو ته ڪرائسٽ چرچ سانحي کان پوءِ فيس بڪ کي گھڻي دٻاءَ سان منهن ڏيڻو پيو هو.

You might also like