ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چوندا آهن ته انسان جي پهرين منهن تي پوندي آهي ۽ منهن جي حسين مسڪراهٽ ئي انسان کي حسين کان حسين بڻائيندي آهي. مسڪراهٽ کي حسين بڻائڻ ۾ خوبصورت ڏند ئي بنيادي ڪردار ادا ڪندا آهن پر ماڻهن جي اڪثريت ڏندن کي صاف ۽ ٻين بيمارين کان بچائڻ ۾ ناڪام رهندي آهي. تنهن هوندي هڪ گهريلو نسخو اهڙو به آهي جنهن تي عمل ڪري ڏندن کي بنا ڪنهن دوا جي استعمال جي اڇو ۽ چمڪدار بڻائي سگهجي ٿو.
شيون:
هيڊ: 2 چانهه جا چمچا
کائڻ واري سوڊا: 2 چانهه جا چمچا
ناريل جو تيل: ڏيڍ چمچو
طريقو: هيڊ کائڻ واري سوڊا ۽ ناريل جي تيل کي پاڻ ۾ گڏايو ۽ سٺي نموني گڏائي بوتل ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو ان کي 15 ڏينهن تائين ڏندن کي صاف ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو. ائين ڪرڻ سان توهان جا ڏند موتين جيان اڇا ۽ چمڪدار ٿي ويندا.